اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) دفا?? واري وفاقي وزير خواج?? محمد آصف چيو آهي ته هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻ گهرجي ته ڪشميرين کي ڀارتي ظلم ۽ جارحيت کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏينداسين. 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي دفا?? واري وفاقي وزير خواج?? محمد آصف چيو ته استحصال ڏهاڙو ان ڳالهه جو گهرجائو آهي ته پاڪستان سميت سڄي عا??مي برادري ڪشميرين جي ڀارتي ظلمن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري ۽ هن ڀيري اسان کي آزادي جو ڏهاڙو ان عزم سان ملهائڻو پوندو ته اسان مظلوم ڪشميرين جي ڀارتي ڏاڍ کان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين ۽ آخري دم تائين ڪشميرين جو ساٿ نه ڇڏينداسين ۽ نه ئي ڪنهن قرباني کان ڪيٻائينداسين. هن چيو ته اسان عا??مي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته ڪشميرين تي ڀارتي ظلمن ۽ ڀارت جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي نسل ڪشي جو انسانيت جي ناطي نوٽيس وٺي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين سان رکيو ويندڙ ا??وڻندڙ سلوڪ تمام وڏو انساني الميو آهي ان تي عا??مي ضمير کي جهنجهوڙڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت سدائين جاري رکندو.