سرينگر – 01 – آگسٽ (اي پي پي) ڪل ??ما??تي حريت ڪانفرنس ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مڪمل هڙتال، سول ڪرفيو ۽ وڏي پئماني تي احتجاجي مظاهرن جي ڪ??ل کي ورجائيندي ڪ??ميري عوام کي آزادي جي تحريڪ جي ڪ??ميابي جي لاءِ خاص دعائون ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل ??ما??تي حريت ڪانفرنس جي نظربند وائيس چيئرمين غلام احمد گلزار سينٽرل جيل سرينگر مان پنهنجي هڪ خصوصي پيغام ۾ چيو ته 5 آگسٽ جديد ڪشمير جي تاريخ جو سڀ کان المناڪ، دردناڪ ۽ ڪارو ڏينهن آهي ۽ ڪشميري ان کي سدائين استحصال ڏهاڙي، سوڳ ڏهاڙي ۽ ڪاري ڏينهن طور ملهائيندا. هن چيو ته اهو 5 آگسٽ 2019ع جو ڏينهن هو جڏهن انسانيت جي قاتل نريندر مودي جي قيادت ۾ آر ايس ايس جي حمايت يافته شيطاني حڪومت ڪشميرين جا سياسي، سماجي، مذهبي ۽ ٻيا سمورا بنيادي حق غضب ڪيا ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي هڪ وڏي کليل جيل ۾ تبديل ڪري چيو. هن 5 آگسٽ جي قدمن کي هندوتوا قوتن پاران ڪشمير جي منفرد سڃاڻپ، ثقافت، آبادي ۽ بنيادي ??قن تي حملو قرار ڏنو. حريت اڳواڻ افسوس جو اظهار ڪيو ته آر ايس ايس جي حمايت يافته مودي حڪومت پنهنجي شيطاني هندوتوا نظريي کي مڙهڻ جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير کي قبرستان ۽ بنجر زمين ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته هندوتوا قوتن تڪراري علائقي ۾ انتظامي تبديليو?? آڻي آبادڪاري جي نئين آبادياتي منصوبي جي شروعاتڪ ئي آهي جنهن جي شروعات نئين ڊوميسائيل قانون سان ڪئي وئي.