اسلام آباد – 01 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صح??فت زنجيرن ۾ ويڙهيل هجي ته جمهوري?? به ڄڻ قيدي هوندي آهي، ميڊيا ۽ اظهار راءِ جي آزادي ??نه?? تي احسان نه آهي پر آئين جي بنيادي گهرج ۽ حق آهي، صح??فين جو تحفظ ۽ پيشيواراڻو سازگار ماحول فراهم ڪرڻ اتحادي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، وزيراعظم شهباز شريف ذميواري سنڀاليندي ئي ميڊيا مخالف قانونن ۽ ضابطن کي ختم ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو، صح??فين جي تحفظ جي (ترميمي) بل 2022ع تي صح??فين ۽ صح??فتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. اها ڳالهه هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (دستور) جي صدر نواز رضا جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته منهنجي خصوصي هدايتن تي جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز پروٽيڪشن (ترميمي) بل 2022ع اطلاعات واري وزارت کي ملي ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان ڪميٽي ۾ اطلاعات، قانون، انساني حقن جي وزارتن ۽ ميڊيا جا نمائندا شامل آهن. هن چيو ته معاملي کي جلد اڪلائڻ جي لاءِ ڪميٽي ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد پڻ شامل آهي. مريم اورنگزيب چيو ته صح??فين ۽ صح??فتي تنظيمن سان وڌيڪ مشاورت ڪري قانوني مسودي کي حتمي شڪل ڏينداسين. هن چيو ته صح??فت جي آزادي جو احترام جمهوريت جو بنياد آهي، ميديا جي آزادي سان ئي سياس?? به زندگي ماڻي ٿي. هن چيو ته ميڊيا جي ادارن ۽ صح??فين کي فيڪ نيوز ۽ پروپئگنڊه نيوز جي لاءِ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته ميڊيا جي آزادي ۽ احساس ذميواري ۾ توازن سان معاشري ۾ وڌندڙ ويڇن کي روڪي سگهجي ٿو. هن چيو ته اختلاف راءِ ۽ نفرت جي وچ ۾ فرق سمجهائڻ ۽ عوامي راءِ هموار ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پي ايف يو جي جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير ??ي صح??فين کي درپيش مشڪلاتن ۽ پيشيواراڻي مسئلن کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته صح??فتي تنظيمن جي سفارشن جي روشني ۾ گڏجي صح??فين جا مسئلا حل ڪنداسين.