اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ا??ران جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي مشهد جو دورو ڪيو ۽ حضرت امام رضا عليه السلام جي روضي تي حاضري ڀري. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ??وج?? مشهد جي هوائي اڏي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جو استقبال خراسان رضوي صوبي جي گورنر جنرل يعقوب علي نظري ڪيو. پرڏيهي وزير مزار ت?? حاضري ڀري ۽ مهمانن جي ڪتاب تي صحيحون ڪيون ۽ آستانه قدس رضوي جي متولي ۽ معتمد حجت الله والمسلمين احمد ماروي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير پرامن گڏيل بقاءَ، سمورن مذهبن جي احترام ۽ انسانيت جي لاءِ رحمت تي ٻڌل اسلامي تعليم جي حقيقي روح جي فروغ جي ا??ميت کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ا??ران جو دورو ڪندڙ پاڪستاني زائرين جي لاءِ انتظامن تي حجت الله احمد ماروي جا ٿورا مڃيا ۽ ايران ۾ انهن جي داخلا ۽ رهائش جي سهو??ت لاءِ گڏيل تعاون کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.