اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته صحافين کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي هيَت تبديل ٿي چڪي آهي، ان ۾ موبائيل جرنلز اهميت اختيار ڪري وئي آهي، موبائيل جرنلزم خبر جي نشر ۽ اشاعت کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. اها ڳالهه هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ موبائيل جرنلزم جي ٻن ڏينهن واري تربيتي ورڪشاپ جي ??رڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ??دارن پي ٽي وي، اي پي پي ۽ ريديو پاڪستان جي ??پورٽرز کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 2018ع ۾ اسان انفارميشن سروس اڪيڊمي جو پورو نصاب جوڙي ڇڏيو هو. انفارميشن سروس اڪيڊمي کي جديد ٽيڪنالاجي ??ان ليس ڪرڻ وقت جي ??رورت آهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز جي ??فيسرن جي ورچوئل ٽريننگ ٿيڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موبائيل جرنلزم جي ??ربيتي ورڪشاپ ۾ عورتن جو وڏو انگ ڏسي خوشي ٿي، عورتون ڪنهن به طرح مرد صحافين کان پٺتي نه آهن. هن چيو ته گذريل چئن سالن دوران عورت صحافين اسان جو ڀرپور ساٿ ڏنو، عورتن جي هر شعبي ۾ حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. واضح رهي ته پري?? انفارميشن ڊپارٽمينٽ جي ??هتمام هيٺ موبائيل جرنلزم تي ٻن ڏينهن وارو تربيتي ورڪشاپ 27 ۽ 28 مئي 2022ع تي انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ منعقد ٿيو. پڄاڻي واري تقريب ۾ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن، ڊائريڪٽر جنرل انفارميشن سروس اڪيڊمي سعيد جاويد، پريس ڪلب جي ??هديدارن ۽ صحافين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب تربيتي ورڪشاپ جي ??رڪت ڪندڙن ۾ سرٽيفڪيٽس پڻ ورهايا.