اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چي?? آهي ته آسٽريا جي ڪمپنين لاءِ پاڪستان ۾ قابل تجديد توانائي، سياحت، هائوسنگ، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا بهترين موقعا موجود آهن جڏهن ته آسٽرين پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ چيو ته پاڪستان آسٽريا لا??اپا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪا ??هن?? آسٽريا پاڪستان سان سياسي ۽ اقتصادي لا??اپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽرين هم منصب سان ملاقات ۾ ٻطرفي لا??اپن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي امڪانن، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ان کانسواءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪرين جي صورتحال به غور هيٺ آندي وئي، هن ??يو ته اسان موجوده ٻه طرفي لا??اپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ اڳڀرائي جو رستو طئي ڪي?? آهي، هن ??يو ته اڄ اسان جي ڳالهه ٻولهه واپار ۽ سيڙپڪاري جي تعاون جي امڪانن تي مرڪوز رهي، شاهه محمود قريشي چيو ته آسٽريا جي پرڏيهي وزير سان گڏ دوري تي آيل واپارين جو وفد تعاون ۾ وڌيڪ موقعا ڳولڻ جي غرض سان پنهنجي پاڪستاني هم منصبن ۽ واپار واري صلاحڪار سان ڳالهيون ڪندو. آسٽريا جي پرڏيهي وزير چيو ته هو پنهنجي مڪ جي 20 واپارين سان گڏ آهي ۽ هائيڊرو جن پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عالمي اڳواڻ هجڻ جي ڪري هو پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين جي ڳولا ۾ آهي. پرڏيهي وزير آسٽرين هم منصب کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان به آگاهه ڪيو، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان 20 ملين آبادي تي ٻڌل وڏي منڊي آهي ۽ هي علائقائي واپار جومرڪز بڻجڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي وزير روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ڳالهين جي مثبت نتيجن جي اميد ظاهر ڪئي ۽ چيو ته اسان پاڪستان سدائين تڪرارن جي پرامن حل تي زور ڏن?? آهي ڇو ته اسان جنگين جي وڏي مالي ۽ جاني قيمت ادا ڪئي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي ۽ اسان ڳالهين ۽ سفاتڪاري سان تڪرار حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون، هن ??يو ته روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جنگ جا اثر يورپ کان ٻاهر آهن ۽ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪ ان جو نتيجو پيٽروليم مصنوعات جي وڌندڙ قيمتن جي صورت ۾ محسوس ڪري رهيا ??هن?? هن ??يو ته پاڪستان جا يوڪرين سان بهترين لا??اپا ??هن?? پاڪستان عالمي قانونن ۽ يو اين چارٽر تي يقين رکي ٿو ۽ سمورن ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جو احترام ڪريون ٿا، پاڪستان گذريل ڏينهن انساني همدردي جي بنياد تي يوڪرين کي امداد موڪلي آهي. هن ??يو ته جنگين سان سدائين اسرندڙ ملڪن جي معيشتن تي منفي اثر پيا آهن. آسٽريا جي پرڏيهي وزير اليگزينڊر شلن برگ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان سياسي ۽ اقتصادي لا??اپن کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي، هن ??يو ته هو 20 ميمبرن تي مشتمل واپارين جي وفد سان گڏ آي?? آهي، جيڪي هائيڊرو پاور، انفرااسٽرڪچر، سياحت ۽ گرين ٽيڪنالاجي جهڙن مختلف شعبن ۾ عبور رکن ٿا، اهي پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا ۾ نين منڊين ۾ سيڙپڪاري چاهين ٿا، اليگزينڊر شلن برگ تازو ئي پشاور ۾ مسجد ۾ دهشتگرد حملي جي مذمت ڪئي ۽ حملي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۽ آسٽريا ٻئي انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل ??هن?? هن افغانستان کان پنهنجي شهرين جي واپسي ۾ تعاون تي پاڪستان جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهيون ٿا، هن ??يو ته پاڪستان او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهي?? آهي، هن اميد ظاهر ڪئي ته اسلامي ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. هن ??يو ته يوڪرين جنگ سان ٻي جنگ عظيم کانپوءِ وڏي پئماني تي يورپ کي لڏپلاڻ جاري آهي ۽ هن وقت تائين 10 ملين ماڻهن يوڪرين کان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.