اسلام آباد – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سينيئر اداڪار مسعود ا??تر جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مسعود ا??تر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو پهتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي تعزيتي بيان ۾ چيو ته مسعود ا??تر ڪيترين ئي فلمن، ڊرامن ۽ ٿيٽر پروڊڪشن ۾ پنهنجي ڪارڪردگي جا جوهرا ڏيکاريا. چوڌري فواد حسين وڌيڪ چيو ته ان جو پهريون ڊرامو ”پئسا بولتا هي“ 1970ع ۾ الحمرا ۾ پيش ٿيو. هن چيو ته فن ۽ شوبز جي لاءِ مرحوم جي خدمتن کي وساري نه ٿو س??هج??. چوڌري فواد حسين دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.