سبي – 08 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ملڪ جي نوجوانن جي روشن مستقبل جي لاءِ جديد تعليم ۽ هنر جي فراهمي جو پروگرام ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، دنيا جي وسيع ??ارڪيٽ ۾ هنرمند نوجوانن جي وڏي ضرورت آهي، وقت ج?? ضرورتن کي نظر ۾ رکندڙ قومون سدائين ڪامياب رهنديون آهن، اسان جي ملڪ کي تيزي سان ترقي ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سبي ميلي جي رنگارنگ پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته تيزي سان تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ فاصلا گهٽجي ويا آهن ان لاءِ بلوچس??ان صوبي جي هر خاندان جي نوجوانن کي هنر جي تعليم حاص?? ڪرڻ گهرجي. دنيا پاڪس??ان جي نوجوانن جي حقيقي صلاحيتن مان فائدو کڻڻ لاءِ گهري نظري رکي آهي، بلوچس??ان جي نوجوانن کي ڪوئيٽا ۽ خضدار ۾ هنر جي بهترين سهولتن مان فائدو کڻڻ گهرجي، هن چيو ته حڪومت ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڊيجيٽل اسڪلز پروگرام جلد صوبي جي سمورن علائقن ۾ شروع ڪيا ويندا، ڪامياب نوجوان ۽ ڪامياب پاڪس??ان پروگرامن جي ذريعي بئنڪون بنا وياج جي قرض فراهم ڪري رهيون آهن، نوجوانن کي مختلف طريقن سان موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته بلوچس??ان ۾ 700 نوجوانن کي گوادر ۾ هنر جي تربيت ڏني وئي آهي ته جيئن انهن کي ملازمت ملي سگهي. گذريل ٻن سالن دوران ملڪ جي ڏورانهن علائقن سميت 22 لک نوجوانن هنر جي تربيت حاصل ڪئي آهي، معاشي استحڪام جي اهميت اجاگر ڪندي هن چيو ته پاڪس??ان ترقي يافته ملڪ بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي ۽ بلوچس??ان صوبو معدنيات ۽ ماهيگيري جي دولت سان مالا مال آهي. هن صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي وڌ کان وڌ استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صوبي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ قيمتي جانين جي ضايع ??يڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي صدر هٿياربند فوج ۽ قوم کي ان جي بهادري ۽ عزم تي ساراهيو، هن چيو ته پاڪس??ان دهشتگردي جي خلاف ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، ماضي ۾ قوم سدائين يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جي راهه اختيار ڪئي. هن چيو ته هو ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن پاڪس??ان جي خلاف سازشن کان چوڪس رهن. هن چيو ته پاڪستاني قوم ڪيترائي ڏهاڪا افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي جيڪا انهن جي عظمت ج?? عڪاسي ڪري ٿي، صدر چيو ته پاڪس??ان گڏيل قومن تي ڪشمير تڪرار ح?? ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، صدر ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪس??ان آزاد ملڪ هجڻ جي حيثيت سان سڀني ملڪن سان دوستاڻي لاڳاپن جو خواهشمند آهي، عالمي اصول برابري تي ٻڌل هجڻ گهرجن، حضرت محمد ﷺ اهي اصول بيان ڪيا ته سڀئي ماڻهو بنا ڪنهن نسل، ذات ج?? برابر آهن. هن چيو ته غربت ج?? خاتمو ۽ صحت ج?? سهولتن جي فراهمي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري شاندار صحت ج?? نظام جوڙيو آهي. هن عورتن ۾ خوراڪ جي گهٽتائي جي مسئلن سميت انهن جي صحت جا مسئلا ح?? ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته احساس پروگرام تحت حڪومت ٻارڙين کي وظيفن سميت خوراڪ جا پيڪيج ۽ مالي تعاون فراهم ڪري رهي آهي، لوڪ فنڪار عورتون زندگي جي مختلف شعبن ۾ شاندار ڪارڪردگي جي لاءِ دستياب موقعن مان فائدو وٺن، صدر بلوچس??ان جي ساحلي علائقي جو حوالو ڏيندي چيو ته ويٽنام پاڪس??ان جي مقابلي ۾ ننڍو ملڪ هو، ان جي سامونڊي خوراڪ جو روانگي واپار 2000ع جي دوران 200 ملين ڊالر هو جيڪو هاڻي 10 ارب ڊالر وڌيڪ وڌي ويو آهي. جڏهن ته پاڪس??ان جو روانگي واپار 400 کان 500 ڊالر آهي، تقريب ۾ بلوچس??ان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا، صوبائي وزير ۽ وڏي تعداد عوام شرڪت ڪئي.