اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني ا??ان جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت سمنڊ پار پاڪستانين جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ انهن جي سرمائي جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جي وفد ??ان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن جو چ??ئر??ين ڊاڪٽر ضياءَ ال??سن، پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جو صدر ڊاڪٽر فيصل اڪ??ام ۽ ممتاز مسلم شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي دبئي ۾ رهندڙ پاڪستانين جي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن نه رڳو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي چونڊن ۾ راءِ جو حق ڏيڻ جي فراهمي پر رقمن جي منتقلي لاءِ روشن ڊيجيٽل اڪ??ئونٽ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدمن تي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪيو.