اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ چي?? واپار، انفراسٽرڪچر، صنعتي شعبن ۾ ترقي، جديد زراعت، سائنسي ۽ فني تع??ون ۽ مقامي ماڻهن جي سماجي ۽ اقتصادي ڀل??ئي سميت سمورن شعبن ۾ تع??ون کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ سي پيڪ جي گڏيل ڪوآپريشن ڪميٽي (جي سي سي) کي ٽاسڪ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي چئن ڏينهن جي چي?? جي دوري جي پڄاڻي تي گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو. پڌرنامي موجب صحت، ماحوليات ۽ آءِ سي ٽي جي شعبن ۾ ويجهي ٻطرفي تع??ون کي نوٽ ڪندي ٻنهي اڳواڻن پاڪ چي?? صحت، صنعت، واپار، گرين ۽ ڊيجيٽل ڪوريدورز جاري ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. پاڪ چي?? قيادت ملاقاتن دوران علائق??ئي صورتحال ۽ عالمي سياست سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمو??ن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، اسٽريٽجڪ گڏيل اعتماد ۽ نظرين جي هڪ جهڙ??ئي ڏٺي وئي. وزيراعظم عمران خان چي?? جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ صدر شي جن پنگ جي قيادت ۾ چي??ي ڪميونسٽ پارٽي جي ڪردار ۽ پائيدار پاڪ چي?? حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ صدر شي جن پنگ جي ذاتي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه کي ورجايو ته ويجها اسٽريٽجڪ لاڳاپا ۽ پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ گهري دوستي وقت جي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ چي?? لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ ميل آهن ۽ چي?? سان ويجهي دوستي کي پاڪستاني عوام جي مستقل حمايت حاصل آهي. ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي مفادن بابت معاملن تي حمايت کي ورجايو. پاڪستان ون چائنا پاليسي جي لاءِ پنهنجي وابستگي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو ۽ تائيوان، ڏکڻ بحيره چي??، هانگ ڪانگ، سنڪيانگ ۽ تبت جي معاملي تي چي?? جي لاءِ پنهنجي حمايت جڏهن ته چي?? پاڪستان جي خودمختياري، آزادي ۽ سلامتي جي تحفظ ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي ڌرين سي پيڪ جي اهم ٿنڀ ۽ علائق??ئي رابطن ۾ اهم عنصر جي حيثيت سان گوادر جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين گوادر پورٽ جي تعمير، آپريشن ۾ تيزي آڻڻ ۽ گوادر کي گهٽ ڪاربن سرڪلر انڊسٽري زون بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن گوادر شهر ۽ ان جي رهواسين جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي اعليٰ معيار جي ذريعي ذريعه معاش جا منصوبا ٺاهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ڌرين سي پيڪ کي سمورن خطرن ۽ منفي پروپئگنڊه کان محفوظ رکڻ جي پنهنجي مضبوط عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستان سموري چي??ي عملي، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي عزم کي ورجايو جڏهن ته چي??ي ڌر ان سلسلي ۾ قدم کڻڻ تي پاڪستان کي ساراهيو. چي?? دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين ۽ ڪوششن کي تسليم ڪيو جڏهن ته ڌرين هر قسم جي دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. افغانستان جي حوالي سان ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هڪ پرامن، مستحڪم، متحد ۽ محفوظ افغانستان خطي ۾ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿو. ٻنهي ڌرين اقتصادي ۽ فني، صنعت، سيڙپڪاري، انفراسٽرڪچر، خلا، ويڪسين، ڊيجيٽلائيزيشن، ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ، ثقافت، راندين ۽ پيشيواراڻي تعليم سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تع??ون معاهدن/ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون.