اسلام آباد – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان خيبرپختونخواهه جي گورنر فرمان شاهه ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي ساڻس گڏ خيبرپختونخواهه جي ناليواري سياسي شخصيت غضنفر بلور پڻ موجود هو. غضنفر بلور پاڪست??ن تحريڪ انصاف ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. وزيراعظم غضنفر بلور کي پي ٽي آءِ ۾ ڀليڪار ڪيو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه ??وب?? جي سياسي صورتحال، جاري ترقياتي من??وب?? تي اڳڀرائي ۽ گورننس جي بهتري جي ل??ءِ کنيل قدمن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.