اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين يوريا ڀ??ڻ جي دستيابيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪندي گيس ڪمپن??ن کي هدايت ڪئي ته هو ڀ??ڻ جي يونٽس کي پيداوار ??اء?? گيس جي فراهمي يقيني بڻائين. فنانس ڊويزن ۾ ڀاڻ بابت هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي شوڪت ترين سمورين لاڳاپيل ڌُر??ن کي سيلز ٽيڪس ري فنڊ ۽ گيس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس (جي آءِ ڊي سي) جي ادائيگين بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ان کان اڳ صنعتن ۽ پيداوار واري سيڪريٽري اجلاس کي ملڪ ۾ ڀ??ڻ جي طلب ۽ رسد جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. سيڪريٽري چيو ته س??ئي ناردرن گيس پائيپ لائن لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي بنياد تي يوريا پلانٽس کي گيس جي فراهمي جنوري 2022ع تائين 3 لک ميٽرڪ ٽن اضافي پيداوار کي يقيني بڻائيندي. حڪومت پاڪ عرب فرٽيلائيزر لميٽيڊ ۽ فوجي فرٽيلائيزر بن قاسم لميٽيڊ (ايف ايف بي ايل) سميت سمورن ڀاڻ يونٽن کي وڌ کان وڌ گيس جي فراهميءَ کي يقيني بڻائڻ ??اء?? پُرعزم آهي. هن چيو ته هڪ لک ميٽرڪ ٽن يوريا جي ايڪسپورٽ ??اء?? ٽينڊر پڻ ڏنا ويا آهن. اجلاس ۾ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وفاقي وزير سيد فخر امام، توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم ۽ صنعتن واري ايڊيشنل سيڪريٽري ۽ ناڻي جي وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.