اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته صحتمند زندگي ۽ پوڙهائپ ۾ ويسر جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي جي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن الزائمر جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي نيشنل ڊيمنشيا پلان جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چ??و ته هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن جو محتاج نه بڻجي، عمر جي آخري حصي ۾ انسان جي يادداشت ڪمزور ٿي ويندي آهي، هن چ??و ته صحتمند زندگي ۽ ٻڍاپي ۾ نسيان جي بيماري جي شدت ۾ گهٽتائي لاءِ ذهني ۽ جسماني ورزش ۽ اوسر ضروري آهي. جسم جي ورزش سان بدن ۾ توانائي پيدا ٿيندي آهي اهڙي طرح الزائمر سان ڪمزور ٿيندڙ دماغي خلين کي ذهني مشقن جي ذريعي بحالي ۾ مدد ملندي آهي. صدر ڊا??ٽر عارف علوي چ??و ته وزيراعظم عمران خان والده جي ياد ۾ هڪ عظيم مقصد لاءِ شوڪت خانم ميموريل اسپتال تعمير ڪيو. هن چ??و ته ميڊيڪل جي تعليم ۾ موروثي بيمارين بابت آگاهي ڏني وئي آهي پر ان حوالي سان ڪو ڌار شعبو نه آهي، هن چ??و ته پاڪستان ۾ دنيا جي مقابلي ۾ خانداني نظام مضبوط آهي، خاندان جي بز??گن جو ڀرپور خيال رکيو ويندو آهي. خاندان کي الزائمر جي مريض بز??گن جي مشڪلاتن کي سمجهڻ ضروري آهي، انساني تعلق جو بنياد همدردي آهي، صدر ڊا??ٽر عارف علوي چ??و ته انفراسٽرڪچر سان گڏوگڏ معاشري ۾ احساس پيدا ڪرڻ ضروري آهي، ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊا??ٽر فيصل سلطان چ??و ته معاشري ۾ صحت جي سهولتن جي فراهمي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي ر??يا آهيون، بز??گن کي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، الزائمر جي شڪار مريضن جي وارثن کي به پريشاني کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، اهڙن مريضن جي سارسنڀال لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ ضروري آهي، اهڙي طرح مريضن جي سارسنڀال ڪندڙن جي تربيت به ضروري آهي، پنجاب جي صحت واري صوبائي وزير ڊا??ٽر ياسمين راشد پنهنجي خطاب ۾ چ??و ته پنهنجي بز??گن جو خيال رکڻ اسان جي دين جو حصو آهي، الزائمر بابت نيشنل ايڪشن پلان ۾ صوبن کي شامل ٿيڻ گهرجي، الزائمر سوسائٽي پاڪستان جي صدر ضياءَ حيدر رضوي به خطاب ڪيو.