اسلام آباد-17 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جو پاڪست??ن جو دؤرو ملتوي ٿيڻ هڪ سازش آهي?? ڪوبه سيڪيورٽي ٿريٽ نه هو، نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي اس??ن جي سيڪيورٽي ادارن فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪئي.
گهرو وزارت جي ميڊيا سيل ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪست??ن جي سمورن سيڪيورٽي ادارن بشمول ايس ايس جي ۽ 4 هزار پوليس اهلڪارن سيڪيورٽي فراهم ڪئي ۽ اس??ن جي ادارن وٽ ڪنهن به قسم جي سيڪيورٽي ٿريٽ جو اطلاع نه هو جنهن جو ذڪر نيوزيلينڊ جي سيڪيورٽي انچارج طرفان ڪيو ويو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان دوشنبي ۾ هڪ اهم پرڏيهي اجلاس ۾ هو جنهن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو جنهن تي وزيراعظم عمران خان نيوزيلينڊ جي وزيراعظم سان رابطو ڪيو ۽ کيس ڪرڪيٽ ٽيم کي هر ممڪن سيڪيورٽي جي فراهمي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ کيس ٻُڌايو ته پاڪستان ۾ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪوبه خطرو ناهي،
جڏهن ته پاڪست??ن جي سيڪيورٽي قدمن تي اطمين??ن جو به اظهار ڪيو ويو هو. نيوزيلينڊ جي هڪ سيڪيورٽي ٽيم به پاڪستان آئي هئي جنهن پاڪست??ن جي سيڪيورٽي قدمن کي تسلي بخش قرار ڏنو هو ۽ ان کان به اسان کي ڪنهن به قسم جي ٿريٽ ڪال جو ڪو ثبوت ناهي مليو. ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇي رهي آهي پر پاڪستاني قوم قومي سلامتيءَ جي مسئلي تي هڪ پيج تي آهي ۽ عمران خ??ن جي قيادت ۾ متحد آهي.
گهرو وز??ر چيو ته پاڪستان طرفان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي اسٽيڊيم ۾ بنا تماشائين جي ميچ کيڏڻ جي به آڇ ڪئي وئي پر انهن ڪابه ڳالهه نه مڃي. گهرو وز??ر چيو ته اهڙي موقعي تي جڏهن پاڪستان دن??ا ۾ امن جو سڀ کان وڏو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف ڀرپور قسم جو عزم رکي ٿو، اهڙي وقت ۾ هڪ سازش تحت نيوزيلينڊ جي ان دؤري کي ملتوي ڪيو ويو. هن چيو ته اس??ن جي نيشنل ڪرائيسز مئنجمينٽ سيل به تمام بهترين ڪم ڪيو ۽ ٻُڌايو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جو سيڪيورٽي ٿريٽ جو ڪو اطلاع ناهي. هن چيو ته اس??ن جو ملڪ هڪ ذميوار آهي ۽ اسان چا??يو?? ٿا ته هتي ڪرڪيٽ کيڏي وڃي. وزيراعظم عمران خان هڪ رانديگر طور ورلڊ ڪپ کٽيو جيڪو اسان لاءِ اعزاز آهي.
هن چيو ته ان سازش جي پٺيان لِڪل هٿ ضرور ظاهر ٿيندا. گهرو وز??ر چيو ته اسان افغان امن جا حامي آ??يو??، اس??ن جون سموريون سرحدون محفوظ آهن، ڪجهه ڳُجها هٿ پاڪستان کي قربانيءَ جو ٻڪر بڻائڻ چاهين ٿا ۽ چاهين ٿا ته خونريزي ٿئي پر انهن جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي. شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪست??ن جو اميج بهتر ٿيندو اسان افغان بارڊر کي محفوظ ڪيو آهي?? ڪوبه پناهگير هاڻوڪن ڏنهن ۾ پاڪستان ناهي آيو ۽ پاڪستان ۾ ڪابه پناهگيرن ڪيمپ ناهي ڪئي وئي.