اسلام آباد – 21 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چي?? آهي ته ب??اول صاحب، وفاق س??ڌ حڪومت کي هيستائين اين ايف سي جي مد ۾ 1900 ارب کان وڌيڪ ڏئي چڪ?? آهي، ٻڌايو اهو پئسو ڪٿي خرچ ٿيو؟ توهان س??ڌ حڪومت جي غفلت ۽ لاپرواهي تي سنڌ جي عوام کان ڪڏهن معافي گهري رهيا آهيو؟ سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کي جيڪو مينڊيٽ ڏنو اهو پورو ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام رهي، سنڌ ۾ ڪرپشن سان گڏوگڏ صلاحيت جي به کوٽ آهي، 59 سيڪڙو ترقياتي بجيٽ استعمال نه ٿي سگهي، صوبائي حڪومت هدف موجب 53 سيڪڙو روينيو به جمع نه ڪري سگهي ان کانپوءِ به حڪومت ڪرڻ جو ڪو جواز بچي ٿو؟ پيپلزپارٽي جو چونڊ نشان ڪرپشن هجڻ گهرجي ڇو ته هو ان کانسواءِ ڪجهه ڪرڻ جي قابل ئي نه آهي. بلاول زرداري جي بيان تي رد عمل ۽ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ب??اول همت ڪري ۽ سنڌ جي عوام کي ٻڌائي وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي جي مد ۾ س??ڌ حڪومت کي جاري ٿي??دڙ 1900 ارب روپيا ڪٿي خرچ ڪيا آهن.