اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فو??گيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 74 فو??گيون ٿيون جنهن م??ن 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 1 هزار 563 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 74 ماڻهو ان وائرس سبب فو?? ٿيا جن م??ن 63 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 11 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فو?? ٿيا. ملڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 32 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو، اسلام آباد ۾ 36 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 29 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن ش??رن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 44 سيڪڙو، ملتان ۾ 33 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 36 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 285 ٽيسٽ ڪيا ويا جن م??ن سنڌ ۾ 11 هزار 83، پنجاب ۾ 16 هزار 704، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 537، اسلام آباد ۾ 5 هزار 994، بلوچستان ۾ 373، گلگت بلتستان ۾ 323، آزاد ڪشمير ۾ 271 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 4 لک 92 هزار 207 ٿي چڪو آهي.گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لا??ِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 299 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 33 هزار 820 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان م??اثر ماڻهن جو انگ 5 لک 37 هزار 477 آهي جن م??ن آزاد ڪشمير ۾ 8 هزار 877، بلوچستان ۾ 18 هزار 765، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 903، اسلام آباد ۾ 40 هزار 972، خيبرپختونخواهه ۾ 65 هزار 953، پنجاب ۾ 1 لک 55 هزار 214 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 42 هزار 793 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فو?? ٿيندڙن جو انگ 11 هزار 450 آهي جن م??ن سنڌ ۾ 3 هزار 925 فو??گيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 19 مريض اسپتالن ۾ ۽ 6 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فو?? ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 646 فو??گيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 33 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 5 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 857 فو??گيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 9 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 469 فو??گيون ٿيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيو، بلوچستان ۾ 193 فو??گيون، گلگت بلتستان ۾ 102 فو??گيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 258 فو??گيون ٿي چڪيون آهن. جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فو?? ٿيو. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ – 19 جا 77 لک 64 هزار 114 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لا??ِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 644 مريض علاج هيٺ آهن.