اسلام آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينئر پارٽي اڳواڻن هتي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد ق??صر ۽ پارلياماني معاملن واري ??لاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ اجلاس ۾ پارلياماني ۽ قانونسازي بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب پرڏيهي وزير مخدوم شاهه ??حم??د قريشي، دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، تعليم وارو وزير شفقت ??حم??د، منصوبابندي وارو وزير اسد عمر، قانون وارو وزير بئريسٽر فروغ نسيم ۽ احتساب بابت صلاحڪار بئريسٽر شهزاد اڪبر به اجلاس ۾ شريڪ هئا.