اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي نامياري ترقي پسند شاعر احمد ??راز جي اڄ 12 هي?? ورسي ملهائي ويندي، احمد ??راز جو پورو نالو سيد احمد شاهه علي هو، احمد ??راز 12 جنوري 1931ع تي ڪوهاٽ ۾ جنم ورتو ۽ 25 آگسٽ 2008ع تي اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪيو، احمد ??راز جو پاڪستان جي ترقي پسند شاعرن ۾ وڏو نالو آهي، سندس 12 هي?? ورسي جي موقعي تي اڄ اڪيڊمي اديبات پاڪستان پاران رٿيل پروگرام ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز اديبن سان گڏجي احمد ??راز جي قبر تي فاتحه خواني ڪري گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ اڪيڊمي ۾ دعائيه تقريب ۾ شريڪ ٿيندو. اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي پهرئين سربراهه ۽ پاڪستان جي شهر آفاق شاعر احمد ??راز جي 12 هي?? ورسي جي موقعي تي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي اهتمام هيٺ اڄ اڱاري ڏينهن 10 وڳي اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي چيئرمين ڊاڪٽر يوسف خشڪ جي قيادت ۾ ا??يڊمي جي آفيسرن ۽ عملي ۽ ليکڪن سان گڏ ايڇ 8 قبرستان ۾ پنهنجي والد احمد ??راز جي قبر تي گلن جي چادر چاڙهيندو ۽ فاتحه خواني ڪندو، ان کانپوءِ اڪيڊمي اديبات پاڪستان جي ڪانفرنس هال ۾ احمد ??راز جي لاءِ مختصر دعائيه ويهڪ منعقد ٿيندي جنهن ۾ ليکڪ ۽ ٻيا شرڪت ڪندا.