اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر وبائي مرضن ۾ اضافي کي روڪڻ جي حوالي سان عوامي بيداري مهم کي تيز ڪ??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي شعور جي بيداري جي مهم شروع ڪ??ڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو ترقي ۽ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اين سي او سي ۾ اجلاس ۾ ڪيو ويو. فورم کي ٻڌايو ويو ته جيئن ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي وبا پکڙجڻ ۾ واضح طور تي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي پر عام طور تي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪ??ڻ جي م??ام??ي ۾ پڻ ڏسڻ ۾ آئي آهي، عوامي جاي?? تي ماسڪ ۽ سماجي فاصل?? تي عملدرآمد جي حوالي سان وقت سر قدم کنيا وڃن. موذي بيماري پوري طرح سان ختم ناهي ٿي ۽ ان بيماري جي حوالي سان ٺوس ايس او پيز تي عمدلرآمد ڪري ئي ان کان بچي سگهجي ٿو. جو?? جي وچ ڌاري جڏهن ڪوورنا وائرس جي مريضن جو انگ وڌي ويو ۽ اسپتال?? تي بار وڌي ويو ته حڪومت اسپتالن جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ پوري ملڪ ۾ 2150 آڪسيجن بيڊز کي 31 جو??اءِ تائين شامل ڪ??ڻ جي لاءِ عملي قدم شروع ڪيا. جڏهن ته اين سي او سي جي خصوصي ٽيمن جي سمورن صوبن بشمول آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي دورن جي نتيجي ۾ 2850 آڪسيجن بيڊز کي شامل ڪ??ڻ جي لاءِ عملي جامعو پارائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي وئي.