اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي، اسان سڀني قومي ادارن کي سڌا??ن جي ذريعي ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي وي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئي، ٽي وي چئنلن جي مالڪن سان طئي ٿيل فارمولي تحت انهن جي رهتن جي باقي ??قم به ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي. قومي اسيمبلي ۾ سوالن جي وقفي دوران چ??ڌري محمد برجيس طاهر جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي حوالي سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ ??يپ??زپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آءِ جي دور جي ٻن سالن جي بلن بابت مالڪن سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان آخري ٻن سالن جي بلن جي ادائيگي جو فيص??و ڪيو، ڪل ??قم هڪ ارب 15 ڪروڙ روپيا بڻجندي هئي جنهن مان اڌ ادا ڪئي وئي ۽ بقايا ??قم ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي، هن چ??و ته علائقائي اخبارن کي اشتها??ن جي فراهمي جي حوالي سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.