لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته عوام جي مسئلن جي فوري حل ۽ فلاحي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا ۽ ميمبر ان ڏس ۾ عوام سان مستقل رابطي ۾ رهن ۽ ڪنهن به مسئلي جي حل جي حوالي سان درپيش انتظامي مشڪل جي صورت بابت مون کي فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي، ??ل ڪينال منصوبو شروع ڪرڻ جو فيصلو ٿي چڪو آهي، جيڪو جلد شروع ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي م??تل?? ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن سان لاهور ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل تڪن ۾ ڪورونا وائرس جي روڪٿام جي حوالي سان قدمن، عوام کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل ۽ فلاحي ۽ ترقياتي معاملن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان ??يو ته عوام جي مسئلن جي فوري حل ۽ فلاحي، سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا ويندا. ميمبر ان ڏس ۾ عوام سان مستقل رابطي ۾ رهن ۽ ڪنهن به مسئلي جي حل جي حوالي سان درپيش انتظامي مشڪل جي صورت بابت مون کي فوري طور تي آگاهه ڪيو وڃي.