دوحا – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان قطر جي ديوان اميري ۾ ملاق??ت ڪئي. پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي، سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري به وزيراعظم سان گڏ هئا. ديوان اميري اچڻ تي قطر جي امير وزيراعظم ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي، ان کان اڳ قطر پهتو ته توانائي واري وزير سعد شريده الڪعبي وزيراعظم ۽ سندس وفد جو استقبال ڪيو.