لاهور – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظ?? جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ٺهڻ وقت قائداعظم محمد علي جناح ٻه قومي نظريو پيش ڪيو جيڪو حق ?? سچ تي ٻڌل هو جڏهن ته گا??ڌي اکنڊ ڀارت جو نظريو پيش ڪيو، اڄ هندستان تڪراري شهريت بل جي ذريعي اقليتن کي انهن جي برابري جي حق ??ان محروم ڪري پنهنجي ئي قائد گا??ڌي جي نظريي جي نفي ڪري رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان ۾ اقليتن کي مڪمل تحفظ ۽ برابري جا حق ڏئي قائداعظم محمد علي جناح جي نظريي کي سچ ثابت ڪري ڇڏيو، هو پاڪستان تحريڪ انصاف سينٽر پنجاب ريجن ۾ نئين چونڊيل ضلعي، تعلقي تنظيمن جي حلف برداري جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.