اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر ا??مد شيخ چيو آهي ته ملڪي بندرگاهن جي آپريشنل ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ پورٽس ڪوآرڊينيشن ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، وزارت سامونڊي معاملن کي عالمي معيارن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ سامونڊي ۽ بندرگاهن جي قانونن کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري رهي آهي، 12 ارب روپين جي گڊاڻي پراجيڪٽ جو مقصد هڪ ماحولياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي جيڪا گرين شپنگ لاءِ پا??ستان جي عزم کي اجاگر ڪر?? ٿو. اهڙو اظهار هن ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن جو شاندار ا??تقبال ڪندي ڪيو. وفاقي وزير شرڪت ڪندڙن سامهون اهم قدمن ۽ اسٽريٽجڪ منصوبن تي روشني وڌي جن جو مقصد پا??ستان جي ميري ٽائيم سيڪٽر کي اڳتي وڌائڻ آهي. ورڪشاپ ۾ پا?? بحريه جي اعليٰ عملدارن، صحافين، پارليامينٽ جي ميمبرن، واپاري برادري ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. ستين ميري ٽائيم سيڪيورٽي ورڪشاپ جي وفد جي قيادت ريئر ايڊمرل اظهر ??حم??د، ڪمانڊر سينٽرل پنجاب ڪري رهيو هو. پنهنجي آجياڻي واري خطاب ۾ وفاقي وزير پا??ستان ميري ٽائيم سيڪٽر جي وڌندڙ اهميت ۽ ملڪ جي معاشي مستقبل جي جوڙجڪ ۾ اهم ڪردار تي زور ڀريو. هن ميري ٽائيم ڊومين جي اندر موجود چئلينجن ۽ موقعن کي تسليم ڪيو ۽ علائقائي تعاون کي وڌائڻ ۽ عالمي واپاري لاءِ محفوظ ۽ پائيدار سامونڊي روٽس کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پا??ستان جو بحري شعبو خاص طور تي بنيادي ڍانچي جي اهم منصوبن ۽ پاليسي سڌارن ذريعي ملڪ جي اقتصادي ترقي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ عالمي واپاري رابطن ۾ نمايان ڪردار ا??ا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن ڪراچي ۽ گوادر وچ ۾ جاري ريل ۽ روڊ ڪنيڪٽويٽي اپ گريڊيشن تي زور ڀريو جيڪو اندروني رابطن کي وڌائڻ ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي واپار جي حمايت لاءِ آهم آهن. هن ٻڌايو ته 12ا رب روپين جي گڊاڻي پراجيڪٽ جو مقصد هڪ ماحولياتي طور تي مناسب جهاز ري سائيڪلنگ جي سهولت پيدا ڪرڻ آهي جيڪا گرين شپنگ لاءِ پا??ستان جي عزم کي اجاگر ڪر?? ٿو.