اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) سينيٽر ملڪ شهادت اعواڻ مملڪتي وز??ر جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي نئين مملڪتي وزير کان حلف ورتو. سينيٽر ملڪ شهادت اعواڻ ايوان صدر ۾ ٿيندڙ هڪ سادي ۽ پُروقار تقريب ۾ حلف کنيو. حلف برداري جي تقريب ۾ سول ۽ فوجي عملدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اها ڳالهه ??ڪر جوڳي آهي ته 11 اپريل تي نئين ح??وم?? جي قيام کانپوءِ ڪابينا جي جوڙجڪ 19 اپريل تي عمل ۾ آئي هئي، پهرين مرحلي ۾ ڪابينا ۾ 30 وفاقي وزيرن ۽ 3 مملڪتي وزيرن کي شامل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ ڪابينا ۾ مختلف مرحلن ۾ توسي?? ڪئي وئي آهي.