اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (??ي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان گذريل رات بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ ايف سي چوڪيءَ تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 7 بهادر فوجين جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عم??ان خان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي.