اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گ??ٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ث??ني?? نشتر چيو ته احساس ايمرجنس?? ڪيش پروگرام تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس پروگرام ۾ جيڪڏهن ڪنهن ذميدار جي خلاف شڪايت مليون ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ڇو ته سماجي تحفظ جي ان پروگرام ۾ شفافيت اسان جي اولين ترجيح آهي، صوابي ضلعي ۾ ادائيگي مرڪز جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر ث??ني?? نشتر چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته ڪمزور طبقي کي مٿي کنيو وڃي ۽ کين سهولتون ف??اه?? ڪيون وڃن ان سلسلي ۾ احساس ايمرجنس?? ڪيش پروگرام جار?? ڪيو ويو، ڊاڪٽر ث??ني?? نشتر چيو ته احساس ايمرجنس?? ڪيش پروگرام تحت مستحقين کي ادائيگي هڪ جامع نظام تحت جاري آهي، احساس ايمرجنس?? ڪيش پروگرام کي شفاف انداز ۾ هلايو پيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن مستحق جو حق ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.