اسلام آباد – 23 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اط??اع??ت ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪرونا جي شڪل ۾ قوم کي درپيش چئلين?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پاڪستان قائم ڪرڻ واري جذبي ک?? اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، صوبن کي جزوي لاڪ ڊائون جو آپشن ڏنو ويو پر ان جو مطلب زبردستي عوام کي گهرن تائين محدود ڪرڻ نه آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪالهه وزيراعظم جي قوم کي خطاب کانپوءِ مختلف سياسي اڳواڻن، سماجي ليڊرشپ ۽ ميڊيا جي تجزيه ڪا??ن جي جيڪا راءِ سامهون آئي آهي ان ۾ اڪثريت جي سوچ ۽ بيانيو هو ته پاڪستان کي لاڪ ڊائون طرف وڃڻ گهرجي.