اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سريلنڪا جي صدر سان سندس ملاقات بهترين رهي ۽ اسان غربت جي خاتمي سميت گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي سياسي ۽ واپاري لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽس ۾ چيو ته سريلنڪا جي صدر گوتابايا راجا پاڪسي سان ملاقات ۾ اسان خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ غربت جي خاتمي جي گڏيل عزم جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسان ان حوالي سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ته آبادگارن کي انهن جي پيداوار مان وڌ کان وڌ فائدو ڪهڙي طرح ٿي سگهي ٿو ۽ مڊل مين جي ڪردار کي ختم ڪندي ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي شهرين تائين ??اڌي پيتي جون شيون گهٽ قيمت تي ڪي??ن پهچائي سگهجن ٿيون.