رياض – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان بحرين، ت??ڪي??، مصر ۽ گيميبيا جي هم منصبن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ فلسطيني عوام جي حقن جي بحالي کي يقيني بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبدالطيف بن راشد الزياني سان رابطي دوران فلسطيني علائقن جي صورتح??ل، هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ۾ عرب، اسلامي قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ برادر فلسطيني عوام جي حقن جي بحالي يقيني بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کان علاوه عالمي انساني قانون جي اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪ??شش?? تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. شهزاده فيصل بن فرحان جمهوريا گيميبيا جي پرڏيهي وزير ممدوتنگارا سان رابطي دوران فلسطيني علائقن جي صورتح??ل، فلسطين ۽ ان جي برادر عوام خلاف هر قسم جي اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ لاءِ عرب، اسلامي ڪ??شش?? کي تيز ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ان کان علاوه ت??ڪي?? جي هم منصب هاڪان فيدان سان رابطي ۾ اسلامي ملڪن جي ڪ??شش?? جي فريم ورڪ اندر فلسطين مسئلي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن جو مقصد فلسطيني رياست ۽ ان جي عوام جي جائز حقن جي بحالي ۽ جنگ بندي لاءِ گڏيل سهڪار کي تيز ڪرڻ، اسرائيل کي سمورن بين الاقوامي انساني قانونن جي ڀڃڪڙين کان روڪڻ آهي. مصري پرڏيهي وزير سان ڳالهه ٻولهه دوران فلسطيني علائقن جي صورتح??ل، اسرائيل جي سمورين سنگين ڀڃڪڙين جي فوري خاتمي لاءِ گڏيل عرب ۽ اسلامي قدمن کي مضبوط بڻائڻ، هڪ محفوظ ۽ مستحڪم فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.