اسلام آباد – 27 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلم ليگ (ن) جي قا??د محمد نواز شريف ۽ ملڪ جي مستقبل پنهنجي نوجوانن کي ”يوٿ پروگرام“ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سال 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو آهي، ملڪ کي درپيش معاشي مشڪلاتن جي باوجود به نوجوانن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، انهي لا??ِ يوٿ پروگرام ٻيهر شروع ڪيو پيو وڃي. ”يوٿ وين“ جي موقعي تي نوجوانن جي لاءِ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 2011ع ۾ پنجاب مان جنهن پروگرام جي شروعات ڪئي هئي، 2013ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم محمد نواز شريف ان پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ پهچائي ڇڏيو، اهو انقلابي پروگرام نوجوانن جي ترقي ۾ سنگ ميل ثابت ٿي رهيو آهي، انهن جي تعليم، هنرمندي، صحت ۽ ر??زگ??ر سان ئي پاڪستان ۾ ترقي ٿيندي. وزيراعظم ان موقعي تي اهو اعلان ڪيو ته وفاقي حڪومت 2023ع کي نوجوانن جو سال قرار ڏنو آهي جنهن ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون، محنتي ۽ هوشيار ٻارن کي لي?? ٽاپ ڏنا ويندا، ٻين اسڪيمن ذريعي نوجوانن جي حوصلا ا??زا??ي جاري رهندي. هن چيو ته اسان جي ملڪ جي 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، انهي ويزن تحت اسان يوٿ پروگرام شروع ڪيو هو، پنجاب ايجوڪيشن انڊومنٽ فنڊ ٺاهيو ويو هو، لي?? ٽاپ اسڪيم شروع ڪئي وئي هئي، نوجوانن کابنيا وياج ۽ آسان شرطن تي قرض فراهم ڪيا ويا، وسيلن کان محروم ذهين شاگردن کي وظيفا ڏنا، ٻاهرئين ملڪ تعليم جا موقعا فراهم ڪيا، اڄ اهي قوم جا قا??ل فرزند ۽ ڌيئرون مختلف شعبن ۾ ڪاميابين جي نئين بلندين تائين پهچي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته هو اهڙي وقت تي ملڪ جي وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز ٿيو جڏهن ملڪ کي شديد معاشي بحران درپيش هو، ٻوڏ مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو پر انهن سمورين مشڪلاتن ۾ به نوجوانن کي اسان نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ڇو ته اهي اسان جي ملڪ جو مستقبل آهن، انهي لا??ِ يوٿ پروگرام ٻيهر شروع ڪيو ويو، وسيلن ۽ ان جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويو ۽ زراعت سميت ٻيا شعبا ان پروگرام ۾ شامل ڪيا ويا، بنا وياج ۽ آسان شرطن تي نوجوانن کي وسيلا ڏيڻ جي ٻيهر شروعات ڪئي وئي ته جيئن نوجوان ر??زگ??ر جي ذريعي پنهنجي خاندان جو سهارو بڻجن ۽ انهن جو بار گهٽ ڪري سگهجي، ملڪ جي ترقي ۾ عملي ڪردار ادا ڪن.