اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آف??يدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته لالا عبدالطيف آف??يدي جي بي رحماڻي قتل تي انتهائي ڏک آهي. هن سڄي عمر آئين جي سربلندي، جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ انساني حقن جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم محمد شهباز ش??يف خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي خراب ٿيندڙ صورتحال کي ڳڻتي جوڳو قرار ڏيندي خيبرپختونخواهه جي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته اها دهشتگردن کي قانون موجب عبرتناڪ سزا ڏياري. وزيراعظم شهباز ش??يف عبدالطيف آف??يدي جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هو هڪ اعليٰ قانوندان ۽ بهادر سياسي اڳواڻ هو. مادر ??لت محترمه فاطمه جناح جي حمايت تي ان کي يونيورسٽي مان ڪڍيو ويو هو، هو حق جي ڳالهه ڪندو هو ۽ نتيجن جي پرواهه نه ڪندو هو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته اڄ آئين، جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني جو هڪ سگهارو آواز خاموش ٿي ويو. وزيراعظم چيو ته لالا عبدالطيف آف??يدي جي سياسي، قانوني ۽ جمهوري جدوجهد جاري رهندي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي. ان کان اڳ وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عبدالطيف آف??يدي جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.