اسلام آباد– 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پنهنجي ترڪيه جي دوري جي ٻئي ڏينهن ترڪيه جي سي??پڪاري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان حڪومت جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو آهي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شر??ف پاڪستان ۾ ڪاروباري شعبي ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جو يقين ڏياريو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چي?? ته وزيراعظم اها ڳالهه پاڪ ترڪ بزنس ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. هن چي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شر??ف ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بي پناهه غيراستعمال ٿيل ڪاروباري ۽ واپاري رخن طرف ڌيان ڇڪرايو. واپاري برادري پاڪستاني حڪومت جي اڻٿڪ حمايت بابت ۽ واپاري سفارتڪاري جو نئون دور شر??ع ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.