اسلام آباد- 20 آڪٽوبر (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفا??ي وزير سينيٽر شيري رحمان پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ٻوڏ متاثر علائقن ۾ جاري امدادي سرگرمين ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ گهربل وڌيڪ فني ۽ مالي مدد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، ڊاڪٽر رينا ڪيونڪا ٻوڏ سبب ٿيل تباهي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ يورپي يونين طرفان پاڪستان کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي، وفا??ي وزير يورپي يونين جي سفير جي ح??اي?? تي سندس ٿورو مڃيندي چيو ته هن مشڪل وقت ۾ يورپي يونين جي ح??اي?? کي ساراهيون ٿا ۽ بحالي جي عمل ۾ مدد لاءِ ع??لمي برادري طرف ڏسي رهيا آهيون، اسان صوبائي حڪومت سان رابطي ۾ آهيون پر اسان کي مدد ۽ فني وسيلن جي سخت ضرورت آهي.