ڪراچي – 16 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز واري وفاقي وزير مولانا ??سع?? محمود چيو آهي ته سکر حيدرآباد مو??رو?? جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين، اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن جي بحالي ۾ مصروف آهن، هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ مو??رو?? پوليس الرٽ آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال، سکر حيدرآباد مو??رو?? قائم ڪرڻ جي حوالي سان ڪمشنر آفس حيدرآباد ۾ اهم ترين جائزه اجلاس دوران ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سيڪريٽري مواصلات ڪيپٽن خرم آغا، علامه راشد سومرو، شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير، اين ايچ اي اختياريون، مو??رو?? پوليس ۽ بين ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سکر حيدرآباد مو??رو?? جلدي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جو گڏيل جدوجهد سان شاهراهن کي ڏينهن رات هڪ ڪري بحال ڪرڻ تي پڻ اتفاق ٿيو. اجلاس ۾ اين ايچ اي اختيارين سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال تي بريفنگ ڏني جڏهن ته مو??رو?? پوليس ٽريفڪ جي رواني بابت بريفنگ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اين ايچ اي جي قدمن جي ساراهه ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، صوبائي ۽ قومي شاهراهه شديد متاثر ٿيا ??هن جن جي بحالي لا??ِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. مواصلات واري وفاقي وزير چيو ته سکر حيدرآباد مو??رو?? جلدي تيار ڪري سنڌ جي عوام کي وڏو تحفو ڏينداسين. هن چيو ته قومي ۽ صوبائي شاهراهن جي بحالي اين ايچ اي جي پهرين ترجيع آهي ۽ اين ايچ اي اختياريون قومي شاهراهن کي بحال ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيون آهن. مولانا ??سع?? محمود چيو ته سمورا وسيلا استعمال ڪري رهيا ??هيون پر انهن ڪوششن کي تيز ڪرڻ لاءِ صوبائي حڪومت جو پڻ سهڪار گهربل آهي، گڏيل ڪوششن سان ان ذميواري کي جلدي پورو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته هاءِ ويز تي ٽريفڪ جي رواني کي برقرار رکڻ لاءِ مو??رو?? پوليس الرٽ آهي.