نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا جي امير ملڪن کي اپيل ڪئي آهي ته ا??ي پاڪستان کي قرضن ۾ ريليف ڏين ڇو ته ماحولياتي تبديلين جي ڪري ايندڙ بدترين ٻوڏ سان انفراسٽرڪچر تباهه ٿي ويو، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا، فصل تباهه ٿي ويا، دنيا کي ان صورتحال ۾ ??سا?? جي فوري مدد ڪرڻ گهرجي، پاڪستان رڳو پنهنجي وسيلن سان ان صورتحال جو مقابلو نه ٿو ڪري سگهي، ايندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان کي قرضن جون قسطون ادا ڪرڻيون آهن جڏهن ته ٻوڏ سان ??سا?? جي معيشت کي سخت نقصان پهتو آهي. ”بلومبرگ“ کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن وقت مون کي پنهنجي ملڪ ۾ هجڻ گهرجي ها ڇو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، انهن کي ريليف جي ضرورت آهي پر آئون دنيا کي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ جي لاءِ آيو آهيان، پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي ڪري بدترين ٻوڏ درپيش آهي، موسمياتي تبديلين جي ڪري ٺهندڙ عملن ۾ ??سا?? جو حصو نه هجڻ جي برابر آهي پر پاڪستان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل ??هي. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ سان 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 400 ٻارن سميت 1500 ماڻهو ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، لکين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي وئي، 10 لک گهر مڪمل ??ور تي تباهه ٿي ويا، جڏهن ته جزوي طور تي متاثر ٿيندڙ گهرن جو انگ به لکن ۾ آهي. وزيراعظم چيو ته هن گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سميت عالمي اڳواڻن کي ان صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي ۽ انهن کي ٻڌايو آهي ته پاڪستان اڪيلو ان صورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڻ پاڪستان جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ چيو ته هن اهڙي تباهي اڳ ۾ ناهي ڏٺي. وزيراعظم چيو ته ترڪ صدر رجب طيب اردوان، آمريڪي صدر جو بائيڊن ۽ فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون سميت عالمي اڳواڻن ان حوالي سان گڏيل قومن ۾ پنهنجي تقريرن ۾ به خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ زور ڏنو آهي ته پاڪستان کي هن وقت وڏي مدد جي ضرورت آهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ??سا?? جي جيڪا مدد ڪئي ان تي ٿورا مڃون ٿا پر ??سا?? کي ان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ۽ فوري مدد جي ضرورت آهي. لکين ٻار بيماري ۾ وٺجي رهيا آهن، بيٺل پاڻي سان وبائي مرض پکڙجي رهيو آهي، متاثر علائقن ۾ ڪمبل، خوراڪ، خاص طور تي ٻارن جي غذا جي ضرورت آهي، ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، ??سا?? کي ماڻهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ مدد جي ضرورت آهي، متاثرين جي ٻيهر آبادڪاري ڪرڻي آهي ۽ زراعت ۽ صنعت کي بحال ڪرڻو آهي، اهڙي صورتحال ۾ دنيا ??سا?? کي نظرانداز نه ٿي ڪري سگهي. وزيراعظم دنيا جي خوشحال ملڪن، آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ کي اپيل ڪئي آهي ته پاڪستان کي قرضن جي ادائيگي ۾ ريليف ڏنو وڃي ڇو ته ا??ندڙ ٻن مهينن دوران پاڪستان تي قرضن جي ادائيگي جي وڏي ذميواري آهي، تازو ئي آءِ ايم ايف سان سخت شرطن تي معاهدا ٿيا آهن، هر مهيني بجلي ۽ پيٽرول تي ٽيڪس لڳائڻو پئجي رهيو آهي، پاڪستان جي لاءِ اها مشڪل صورتحال آهي، خاص طور تي جڏهن ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جو چئلينج درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون غيرمتوقع طور تي تمام گهڻو وڌي چڪيون آهن، سرديءَ جي لاءِ گئس جي کوٽ آهي، ترقي يافته قومن ۽ ملڪن کي ??سا?? مان اميدون وابسته ڪرڻ بدران موجوده صورتحال تي ??سا?? جي مدد ڪرڻي پوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته روس جي صدر ملاقات ۾ گئس جي فراهمي جي حوالي سان جائزي وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي پر اڃا تائين ان حوالي سان ڪا ڪمينٽمينٽ ناهي ٿي. پاڪستان روس سان ڪڻڪ جي خريداري جو به خواهشمند آهي پر ٻوڏ جي ڪري زمين ڪڻڪ جي پوکائي جي لاءِ تيار نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم چيو ته دنيا ??سا?? جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪئي ته انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. پاڪستان جي سياسي صورتحال جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ??سا?? کي اتحاد، يڪجهتي، مصالحت ۽ امن جي ضرورت آهي، موجوده صورتحال ??سا?? کان اخوت ۽ هڪ ٻئي جو هٿ ونڊرائڻ جي گهرج ڪري ٿو، هي وقت گڏيل اختلافن ۽ سياست جو نه آهي، انسانيت جي خد??ت ۽ متاثرين جي مدد لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، ٻوڏ متاثرين کي ڪمبل، دوائن، خيمن، خوراڪ جي ضرورت آهي، ??سا?? کي ذاتي پسند ۽ ناپسند کان اڳتي به وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته دنيا هن مشڪل صورتحال ۾ ??سا?? جي مدد لاءِ اڳتي اچي ڇو ته موسمياتي تبديلين کان اڄ ??سا?? متاثر آهيون ته سڀاڻي ڪو ٻيو به متاثر ٿي سگهي ٿو. ڀارت سان لاڳاپن جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت پاڙيسري ملڪ آهن ۽ ??سا?? کي پرامن پاڙيسرين طور تي رهڻو آهي، امن جو قيام واحد رستو آهي جنهن جي ذريعي ??سا?? پنهنجي عوام جي زندگين کي بهتر بڻائي سگهون ٿا. پاڪستان ۽ ڀارت ڳالهه ٻولهه ذريعي پنهنجا گڏيل تڪرار طئي ڪري سگهن ٿا.