اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن (آسيان) جي ميم??ر ملڪن کي 55 هين آسيان ڏهاڙي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستا?? جو آسيان سان پراڻو تعاون آهي. تعاون، دوستي ۽ عدم مداخلت جي اصولن تي ??ائ?? آسيان هڪ متحرڪ ۽ ٺوس اقصادي برادري ۾ تبديل ٿيو آهي جيڪو علائ??ائ?? امن ۽ ترقي جي گڏيل مفادن کي اڳتي وڌائي ٿو. پرڏيهي آفيس جي جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ڏکڻ اوڀر ايشيائي ملڪن جي ايسوسيئيشن آسيان جي ميم??ر ملڪن کي آسيان جي 55 هين ڏهاڙي تي مبارڪباد پيش ڪري ٿو،. پاڪستا?? جو آسيان سان پراڻو تعلق ۽ تعاون آهي، 1993ع کان پاڪستان سيڪٽرل ڊائيلاگ پارٽنر جڏهن ته 2004ع کان آسيان ريجنل فورم جو ميمبر آهي. پاڪستان 2004ع ۾ ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تعاون جي معاهدي ۾ پڻ شموليت اختيار ڪئي. ترجمان چيو ته پاڪستان آسيان جي اڳڀرائي ۽ علائ??ائ?? تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم اڳڀرائي کي ساراهي ٿو. پنهنجي ويزن ايسٽ ايشيا پاليسي موجب پاڪستان آسيان سان پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن کي وڌيڪ ٺوس بڻائڻ کي اولين ترجيح ڏي ٿو جنهن ۾ بهتر رابطا ۽ عوامي سطح تي رابطا شامل آهن. ترجمان چيو ته تازو ئي منعقد ٿيندڙ 29 هين اي آر ايف وزارتي اجلاس ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي شرڪت آسيان سان پاڪستان جي حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ان عزم جو اظهار آهي.