اسلام آباد – 06 –; جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي آمريڪي پرڏيهي وزير انٿوني بلنڪن ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ڳالهه ٻولهه ڪندي سفارتي ل??ڳا??ن جي 75 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪ آمريڪا ل??ڳا??ن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ گڏيل عزم کي ورجايو. هن چيو ته اعليٰ سطح جي دورن جي لاڳيتي مٽاسٽا جا منتظر آهيون. هن پاڪست??ني شهرين جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ ۾ آس??ني پيدا ڪرڻ جي درخواست ڪئي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي خصوصي نمائندي دلاور سيد جي پاڪستان جي جاري دوري کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪ آمريڪا واپاري ل??ڳا??ن کي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ توانائي، صحت، سلامتي ۽ اقتصادي ترقي ۾ گڏيل تعاون کي ورجايو. هن انس??ني بحران کي منهن ڏيڻ جي لاءِ طالبان حڪومت سان مسلسل رابطي جي ضرورت تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي.