اسلام آباد – 07 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 156 – ون تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙج?? جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم قومي اقتصادي ڪائونسل جو چيئرمين ۽ چئني صوبن جا وڏا وزير ڪائونسل جا ميمبر هوندا. وفاق مان منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي وارو وفاقي وزير ??فتاح اسماعيل، واپار وارو وفاقي وزير سيد نويد قمر ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير اسعد محمود اقتصادي ڪائونسل جا ميمبر مقرر ڪ??ا ويا آهن جڏهن ته پنجاب مان سردار اويس احمد خان لغاري ۽ سنڌ مان سينيٽر نثار احمد کهوڙو جا نالا قومي اقتصادي ڪائونسل جي ميمبر طور منظور ڪ??ا ويا، خيبرپختونخواهه مان ناڻي وارو وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بلوچستان مان ناڻي وار?? سينيئر وزير ??ور محمد دمڙ بطور ميمبر مقرر ڪ??ا ويا آهن. پلاننگ ڪميشن جو ڊپٽي چيئرمين، ناڻي وار?? سيڪريٽري، اقتصادي معاملن وار?? سيڪريٽري ۽ منصوبابندي ڊويزن وار?? سيڪريٽري خصوصي دعوت تي قومي اقتصادي ڪائونسل ج?? اجلاسن ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم سمري تحت قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙج?? جي درخواست ڪئي هئي. صدر قومي اقتصادي ڪائونسل جي نئين سر جوڙجڪ وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي.