اسلام آباد – 14 – اپريل (اي پي پي) ??زي??اعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ ۽ مهانگائي تي ض??بطو آڻڻ جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال تي اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت پاڪستان معاشي لحاظ کان مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کڻڻ وڃي رهي آهي. ??زي??اعظم معاشي ٽيم کي هنگامي بنيادن تي معيشت جي بهتري لاءِ سڌارن جي ٺوس حڪمت ع??لي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن هر صورت ۾ عام ماڻهو جي معاشي حالت بهتر ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ??زي??اعظم ملڪي مجموعي معاشي صورتحال جي بهتري سان گڏوگڏ مهانگائي تي ض??بطو آڻڻ جي لاءِ پڻ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو. اجلاس ۾ ??زي??اعظم کي ناڻي واري وزارت پاران ملڪي معيشت جي موجوده صورتحال بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. ??زي??اعظم پريشان ڪندڙ معاشي انگن اکرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن ا??بال، مفتاح اسماعيل، مريم اورنگزيب، زبير عمر، عائشه غوث پاشا، طارق محمود پاشا، بلال ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ??ئي.