اسلام آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عالمي اسلامي ??ونيورسٽي معياري گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ پنهنجي فزيڪل ۽ آن لائين تعليمي اسٽرڪچر کي وڌيڪ بهتر بڻائي، يونيورسٽي تعليمي شفٽن کي ٻيڻو ڪري، ان سلسلي ۾ ٽن مهينن اندر تجويز پيش ڪري. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي عالمي اسلامي ??ونيورسٽي اسلام آباد جي ريڪٽر پاران بريفنگ ڏني وئي، ريڪٽر اسلامي ??ونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي تعليمي ??روگرامن ۽ نون منصوبن تي بريفنگ ڏن??، بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي تعليمي ??عيار ۾ بهتري لاءِ هڪ نئين اسٽريٽجڪ پلان 2022-26ع جي منظوري ڏني، نئين پلان جو مقصد تحقيق ۽ تعاون ۾ اضافو ۽ يونيورسٽي جي مالي استحڪام کي وڌائڻ آهي، نئين پلا?? سان يونيورسٽي ڪيمپس ۾ معيار زندگي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي، پلا?? سان گورننس ۾ بهتري ايندي، يونيورسٽي جي ڊجيٽلائيزيشن ۾ به مدد ملندي، نئون پلان ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ۽ ٽيڪنيڪي ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته يونيورسٽي شاگردن کي ٽيڪنيڪي ه??ر سان گڏ تنقيدي سوچ، موثر ڄاڻ، ٽيم ورڪ جهڙي سافٽ مهارت?? سان به ليس ڪري يونيورسٽي پنهنجي سينيٽ ۾ مارڪيٽ کان ماهرن کي شامل ڪري، صدر چيو ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب ه??ر سان ليس ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان تعاون جي ضرورت آهي، هنرمند گريجوئيٽس جي وڌندڙ گهرج پوري ڪرڻ لاءِ 2 سالا ايسوسيئيٽ ڊگري پروگرامن جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، صدر ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ ۾ يونيورسٽي جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار کي ساراهيو.