اسلام آباد – 18 –; مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي هولي جي ڏڻ تي هندو برادري کي مبارڪباد ڏني آهي، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين هولي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رنگن ۽ محبت جي ان ڏينهن جو مقصد نفرتن ۽ برائي جو خاتمو آهي، ان??انن جي خلاف نفرت، تعصب ۽ ظلم ڪندڙن جي لاءِ اڄ پيغام جو ڏينهن آهي ته هو ??نهنجو ڪردار ۽ سوچ بدلائين. هن چيو ته بهار جي آمد ۽ هولي جو ڏڻ خوشين جو سبب آهن، ا?? موقعي تي هندو برادري لاءِ خير سگالي جو پيغام پڻ ڏنو.