اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آف??س جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب لاهور جي دوري دوران وزيراعظم سان گڏ وفاقي وزير شفقت محمود، چوڌري فواد حسين، غلام سرور خان، حماد اظهر، مخ??وم خسرو بختيار ۽ واپار وارو صلاحڪار عبدالرززق دائود آهن. لاهور ۾ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ امن امان جي صورتحال تي بريفنگ ڏيندو. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين جي فروغ لاءِ انڊسٽريل پئڪيج جو اعلان ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم راولپنڊي، بهاولپور، ملتان ۽ ساه??وا?? ڊويزنن سان تعلق رکندڙ ??ارليامينٽ ميمبرن سان ملاقاتون ڪندو.