اسلام آباد – 24 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان، سريلنڪا سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪا جي واپار واري وزير ڊاڪٽر ??ندولا گناورڌني ۽ علائقائي تعاون جي رياستي وزير ٿراڪا بالا سوريا سان ڳالهيون ڪندي چئي جنهن ڪاروباري وفد سان گڏ پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گهڻي رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي وزير چيو ته ??اڪ??تان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپ??ر، سيڙپڪاري، سياحت، زراعت ۽ دفاع سميت گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آ??ن، هن چيو ته ??اڪ??تان ۽ سريلنڪا جي وچ ۾ واپ??ر، سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان ڪيترائي معاهدا موجود آ??ن، جنهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان، سارڪ فورم جي حوالي سان به سريلنڪا کي اهم ملڪ ڳڻايو آهي ۽ سارڪ فورم کي موثر بڻائڻ لاءِ سريلنڪا سان گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ لاءِ پرعزم آهي، پرڏيهي وزير سيالڪوٽ ۾ پيش ايندڙ افسوسناڪ واقعي ۾ پريا نٿا ڪمارا جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي ان واقعي جي ذميدارن کي قرار واقعي سازا ڏيارڻ لاءِ حڪومت ??اڪ??تان پاران کنيل قدمن جي تفصيلن کان آگاهه ڪيو، ڊاڪٽر ??ندولا گناورڌني حڪومت ??اڪ??تان پاران سيالڪوٽ ڪيس جي جلد ٻڌڻي جي خاطري ۽ معاوضي جي ادائيگي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ??اڪ??تاني قيادت جو ٿورو ادا ڪيو، گذريل سال فيبروري 2021ع ۾ وزيراعظم سان سريلنڪا جي پنهنجي دوري جو حوالو ڏيندي پرڏيهي وزير ??اڪ??تان سريلنڪا جي وچ ۾ آزاداڻي واپاري معاهدي (ايف ٽي اي) جي ذريعي ٻطرفي واپاري تعاون جي ماپي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ??اڪ??تان علائقائي امن، ترقي، حصيداري ۽ رابطن جي فروغ تي ٻڌل، اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، ڌرين ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري ڪمپنين، واپاري چيمبرز جي وچ ۾ ٻطرفي ملاقاتن جي فروغ تي اتفاق ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن جي سمورن سطحن تي تعاون جي ذريعي علائقائي امن، ترقي ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. واضح رهي ته ڊاڪٽر گناورڌنا سريلنڪا جي واپاري وفد سان 20 کان 27 جنوري تائين ??اڪ??تان جو دورو ڪري رهيو آهي.