اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان اوپن فورم جي صدر ڊاڪٽر نويد شي??وا??ي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ چيئرمين ايس ٽي زيڊ اي عامر هاشمي سان گڏ ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب ملاقات ۾ ملڪ جي بهترين ٽيڪ يونيور??ٽي?? جي سهڪار سان سيمي ڪنڊڪٽر ۽ هائي ٽيڪ انڊسٽريز جي ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم هد??يت ڪئي ته انهن صنعتن جي ترقي لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن ته جيئن ٽيڪنالاجي جي علم سان ليس نوجوانن لاءِ روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪري سگهجن.