لاهور – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان معاشري جي ڪمزور طبقن جي ترقي، ڀلائي ۽ بهتري تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، مديني جي رياست جو ماڊل معاشري جي پيڙهيل ۽ ڪمزور طبقن جو خيال رکڻ تي تمام گهڻو زور ڏي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان لاهور جنرل اسپتال جي سامهون فيروز پور روڊ تي پناهگاهه ل??هور جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته پناهگاهن جي رهواسين جي محفوظ ۽ آرامده قيام کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پناهگاهه ل??هور ۾ 80 ماڻهن ۽ 20 عورتن جي رهڻ جي گنجائش موجود آهي ۽ اهي پناهگاهون تمام جديد شهري سهولتن سان آراسته آهن. انهن سهولتن ۾ استقباليه، انتظار گاهه، نگ??اني جو نظام، بهترين ڪچن، مردن ۽ عورتن لاءِ کاڌي جي ج??ءِ، فلٽر ٿي?? پاڻي، نماز ا??ا ڪرڻ لاءِ مختص جڳهه، صفائي، لانڊري ۽ بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي شامل آهن. احساس سينٽر شٽل سروس، معذور ماڻهن جي لاءِ سهولتن ۽ عورتن جي ڌار منزل پناه گاهه ل??هور جون اهم خاصيتون آهن.