اسلام آباد – 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي ??ورتحال ڪنهن الميي کان گهٽ نه آهي، دنيا کي افغانستان جي ??ستحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، افغانستان ۾ 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، پاڪستان مشڪل صورتحال ۾ افغانستان جي ??وام جي ڀرپور مدد ڪندو، ڪالعدم تحريڪ طالبان جي ??نهن گروپن سان ڳالهيون ٿينديون جيڪي پاڪستان جي ??ئين ۽ قانون جو احترام ڪندا، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته رياست هر وقت جنگ واري حالت ۾ رهي، جيڪي ماڻهو پاڪستان جي ??ئين ۽ قانون جو احترام ڪندي واپس اچڻ چاهين ٿا رياست کي انهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي، مخالف ڌر کي اڳ ۾ ٻه سال پوءِ پنج سال صبر ڪرڻو پوندو، مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، انهن وٽ نه ڪو ليڊر ۽ نه ئي ڪو پلان آهي، انهن جو مقصد رڳو سازشون ڪرڻ آهي، پي ڊي ايم جو لانگ مارچ ونٽر ايڪٽيويٽي آهي، پنهنجو شوق پورو ڪري وٺن، ايندڙ ٻن مهينن ۾ مهانگائي جو مسئلو به حل ٿي ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي ??جلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دنيا افغانستان جي ??ستحڪام لاءِ ڪردار ادا نه ڪيو ته افغانستان ۾ انساني الميو جنم وٺي سگهي ٿو. هن اڪانومسٽ جي 30 آڪٽوبر جي ??پورٽ جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته افغانستان ۾ جهڙي طريقي سان صورتحال ٺهي رهي اهي ائين لڳي ٿو ته شام ۽ يمن جو بحران به پٺتي رهجي ويندو. اڪانومسٽ جي ??پورٽ موجب افغانستان ۾ 38 ملين ماڻهن مان 23 ملين ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار آهن، تازو ئي افغانستان جي ??ندر 8 ٻار بک سبب فوت ٿي ويا، اڪانومسٽ جي ??پورٽ انتهائي پريشان ڪندڙ آهي. هن چيو ته اسان دنيا کي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته ڪڻڪ ۽ چانور جي مناسب مقدار افغانستان موڪلي ويندي، افغانستان مان ٿيندڙ درآمدات تي ٽيڪسز به ختم ڪيا پيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ٻن ڏينهن کانپوءِ افغانستان جي ??بوري حڪومت جو پرڏيهي وزير پاڪستان جي ??وري تي اچي رهيو آهي، ان سان افغانستان ۾ انساني بحران تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. چوڌري فواد حسين چيو ته ايندڙ مهيني ڊسمبر ۾ او آءِ سي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ڪيو ويندو جنهن ۾ مسلمان امت کي افغانستان جي مدد جي ??پيل ڪئي ويندي، پاڪستان افغانستان ۾ صورتحال کي معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. وفاقي ڪابينا دنيا خاص طور تي مسلمان ملڪن کي افغانستان جي مدد جي ??پيل ڪئي آهي. هن چيو ته افغانستان جي ??وام جي مدد لاءِ ڪابينا خصوصي فنڊ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان جي ??وام سڌوسنئون افغانستان جي مدد ڪري سگهندي، اسان چاهيون ٿا ته افغانستان ۾ انساني همدردي جي ??نياد تي ڪوششون جاري رهن. افغانستان ۾ جهڙي طريقي سان ٻارن کي اٽي ۽ چانور جي لاءِ وڪرو ڪيو پيو وڃي، اهڙي صورتحال کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان جا اثاثا منجمند آهن، انهن کي جاري ناهي ڪيو ويو، هن وقت افغانستان ۾ ڪنهن قسم جي ??المي امداد نه پئي ڏني وڃي، افغانستان جي ??وام هن وقت غربت جي ??ندگي گذاري رهي آهي، وفاقي ڪابينا افغانستان ۾ چانور ۽ ڪڻڪ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ افغانستان سان واپار ۾ ٽيڪسن کي ختم ڪيو ويو آهي، رڳو صوف تي ٽيڪس برقرار آهي، جيئن ته افغانستان ۾ صوف موجود نه آهي، ايراني صوف افغانستان جي ??ستي درآمد ڪيو وڃي ٿو، ان کانسواءِ افغانستان مان درآمد ٿيندڙ ٻين ??مورين ??ين ??ي ٽيڪسز ختم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته وزيراعظم اهم قانونن جي منظوري ۽ جواب ڏيڻ جي لاءِ ڪابينا ميمبرن ۽ پارٽي ميمبرن جي قومي اسيمبلي ۾ حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ۾ سي اي او ۽ ايم ڊي جي ??الي جاين ??و جائزو ورتو ويو. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت آگاهه ڪيو ته هن وقت وزارت جي ??نتظام هيٺ ادارن ۾ 6 جايون خالي آهن. اهڙي طرح فوڊ سيڪيورٽي ۾ 5 جايون خالي آهن. ٻنهي وزارتن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته انهن جاين کي جلد ڀرڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ڪريمنل پراسيڪيوشن سروس ايڪٽ 2021ع جي منظوري ملتوي ڪري ڇڏي آهي ته جيئن لاڳاپيل قانونن سان گڏ ان کي پيش ڪري سگهجي ۽ سمورن قانونن جي ڪابينا گڏجي منظوري ڏئي سگهي. تجويز ڪيل قانون ڪابينا جي قانون بابت ڪميٽي آڏو پيش ڪيا ويندا. انهن قانونن کي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ استغاثه فوجداري ڪيسن ۾ اسلام آباد پوليس جي معياري جاچ ڪرڻ ۾ رهنمائي فراهم ڪري سگهبي ته جيئن ڪيس موثر انداز ۾ اڪلائي سگهجن. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته عالمي منڊي ۾ گئس ۽ ايل اين جي ??ون قيمتون وڌڻ جي ڪري ۽ گئس جي ??يرقانوني استعمال کي روڪڻ جي لاءِ ڪابينا ڪيپٽو پاور پلانٽس جي لاءِ گئس جو اگهه 6.5 ڊالر مان وڌائي 9 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو ڪري ڇڏيو آهي. ايڪسپورٽ سيڪٽر جي ??اقي يونٽس جي لاءِ آر ايل اين جي ??و اگهه 6.5 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو برقرار رهندو. قيمتون 15 نومبر 2021ع کان وٺي 31 مارچ 2021ع تائين لاڳو هونديون. ان فيصلي جي ڪري گئس جي موثر کپت ۾ مدد ملندي ۽ قومي ناڻي تي بار گهٽ پوندو. ان فيصلي سان گهريلو صارفين ??ي ڪو اثر نه پوندو جن جي گئس جي ??رورت ملڪ جي ??ندر پيدا ٿيندڙ گئس سان پوري ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته گئس ۽ تيل عالمي مارڪيٽ سان واڳيل آهن، هر شيءَ تي سبسڊي ڏئي ملڪ نه ٿو هلائي سگهجي. هن چيو ته مهانگائي جي ??والي سان ميڊيا تي هر شيءَ کي ٽيڻ تي مهانگو ڪري ڏيکاريو وڃي ٿو، صبح هڪ ٽي وي چينل تي کنڊ جي قيمت 160 رپيا ٻڌائي پئي وئي، اها ئي کنڊ ايئر لفٽ ايپ تي 100 رپيا في ڪلو پڻ دستياب آهي، اهڙي طرح جي ??نسني خيزي پکيڙڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته ڪابينا توانائي ڊويزن واري جوائنٽ سيڪريٽري احمد تيمور ناصر جي ??طور عارضي مئنيجنگ ڊائريڪٽر نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني مقرري جي منظوري ڏني وئي آهي. اها مقرري رڳو 6 مهينن يا باقاعده ايم ڊي جي مقرري تائين موثر رهندي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ملڪ ۾ مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ پنکن جي معيار کي بهتر ڪرڻ ۽ بجلي جي کپت گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪابينا پنکن کي پاڪستان اسٽينڊرڊ اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. معيار جي ??هتري کانپوءِ پاڪستان ۾ تيار ٿيل پنکن کي عالمي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪري سگهبو. هن چيو ته ملڪ ۾ مقامي سياحت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪابينا گلگت بلتستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موجود پي ٽي ڊي سي جي ملڪيتن کي شفاف طريقيڪار جي ??ريعي نجي ??عبي کي ليز تي ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ پي ٽي ڊي سي جون ڪيتريون ئي ملڪيتون آهن، ماڻهو سياحتي جاين ??ي وڃڻ چاهين ٿا پر انهن جي ??هڻ جي ??ڳهه ناهي هوندي تنهن ڪري ان مسئلي کي نظر ۾ رکندي پي ٽي ڊي سي جي ملڪيتن کي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي ليز تي ڏنو پيو وڃي ته جيئن اتي سهولتون تيار ڪري سياحت جي ??عبي کي فروغ ڏئي سگهجي. هن چيو ته ڪابينا اداراجاتي سڌارن بابت ڪميٽي جي 28 آڪٽوبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ڪئي آهي. توثيق کانپوءِ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن کي وفاقي تعليم ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وزارت جي ??نتظام هيٺ آندو ويو آهي. هن چيو ته ڪابينا اي سي سي جي 4 نومبر 2021ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي ??وثيق ڪئي آهي. ان ۾ سڀ کان اهم فيصلو اهو ٿيو آهي ته پوري ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري زارت ۽ گهرو وزارت گڏجي ??ڄي ملڪ ۾ 911 ايمرجنسي لائين قائم ڪرڻ جو قدم کنيو آهي ته جيئن ڪنهن به سانحي يا ايمرجنسي جي ??ورت ۾ هڪ ئي هيلپ لائين ??ي ڪال ڪري مدد ڪري سگهجي. هن چيو ته اي سي سي ۾ افغانستان جي واپار جي ??والي سان فيصلي جي منظوري ڏني وئي آهي، ڪڻڪ ۽ کنڊ افغانستان کي موڪلڻ جا تفصيل افغان عبوري حڪومت جي پرڏيهي وزير سان طئي ڪيا ويندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪڻڪ ۽ کنڊ جي ??رآمد جي لاءِ قائم ڪميٽي جي ??ربراهي ناڻي وارو صلاحڪار ڪندو. خيبرپختونخواهه جي ??يل ۽ گئس پيدا ڪندڙ ضلعن ۾ گئس نيٽ ورڪ ۾ توسيع جي ??فارش ڪئي وئي آهي. هن چيو ته روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪامرس واري وزارت اسٽريٽجڪ ٽريڊ پاليسي فريم ورڪ 25 – 2020ع منظور ڪرڻ جي ??فارش ڪئي آهي. ورلڊ فوڊ پروگرام تحت هنگامي صورتحال جي ڏس ۾ افغانستان کي اٽو برآمد ڪرڻ جي ??فارش ڪئي وئي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا سيڪيورٽيز اينڊ فيوچرز مارڪيٽ بل 2021ع جي ??صولي منظوري ڏني، اها منظوري ايز آف ڊوئنگ بزنس پاليسي تحت سيڙپڪارن جي مدد ڪرڻ ۽ سرمائي جي ??حفظ جي لاءِ ڏني وئي آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا پي ٽي ڊي سي جي ??يبرپختونخواهه ۽ پنجاب ۾ موجود پي ٽي ڊي سي جون ملڪيتون، ملازم ۽ رهتون صوبن کي منتقل ڪرڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته سنڌ ۽ بلوچستان سان ان سلسلي ۾ مشاروت جو عمل جاري آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا ڊاڪٽر سيف الدين ??وڻيجو جي ??طور چيئرمين ??يڪسپورٽ پراسيسنگ زونز اٿارٽي مقرري جي منظوري ڏني. ڪابينا افغانستان سان واپاري لاڳاپا وڌائڻ جي لاءِ افغان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ 2010ع ۾ 6 مهينن جي لاءِ توسيع ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اهڙي طرح ڪابينا پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي جو ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر پ??ري??ن ٻه سال پورو زور لڳايو، اسان تگڙا هئاسين ??ن جي لاءِ نه وياسين، هاڻي حڪومت جا ٻه سال رهجي ويا آهن، هڪ سال کانپوءِ اليڪشن جو عمل شروع ٿيڻو آهي، اڃا مخالف ڌر کي ڏيڍ ٻه سال صبر ڪرڻ کانپوءِ پنج سال وڌيڪ صبر ڪرڻو پوندو، مخالف ڌر وڻ وڻ جي ڪاٺي آهي، انهن وٽ نه ڪو ليڊر آهي ۽ نه ئي ڪو پلان آهي، مخالف ڌر پنهنجي پيرن تي بيهڻ سکي، هر وقت سازشن سان اهي ڪامياب نه ٿا ٿي سگهن، حڪومت مستحڪم آهي، ايندڙ ٻن ٽن مهينن ۾ مهانگائي جو مسئلو به حل ٿي ويندو، 2023ع ۾ اسان اليڪشن طرف وينداسين. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪالعدم تحريڪ طالبان سان حڪومت جون ڳالهيون پاڪستان جي ??ئين ۽ قانون تحت ٿينديون، ڳالهيون انهن گروپن سان ٿينديون جيڪي پاڪستان جي ??ئين ۽ قانون جو احترام ڪندا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون پاڪستان جي ??ئين ۽ قانون تحت ٿي رهيون آهن، ڪالعدم ٽي ٽي پي هڪ گروپ تي ٻڌل نه آهي، ان ۾ ڪيترائي گروپس شامل آهن، پاڪستان جي ??ياست پنهنجي ??نهن شهرين کي موقعو فراهم ڪرڻ چاهي ٿي جيڪي پاڪستان جي ??ئين ??و احترام ڪندي واپس اچڻ چاهين ٿا. هن چيو ته گذريل ڏينهن ڪالعدم ٽي ٽي پي سيز فائر جو اعلان ڪيو آهي، اهو نه ٿو ٿي سگهي ته رياست هر وقت جنگ واري حالت ۾ رهي. هن چيو ته افغانستان جي ??ٿارٽيز به اسان کي درخواست ڪئي ته ڪالعدم ٽي ٽي پي سان ڳالهيون ڪيون وڃن. اسان ان ڳالهه تي يقين ??کون ٿا ته افغانستان جي نئين ??ڪومت پاڪستان جي ??ندر امن چاهي ٿي، اسان هن خطي ۾ امن چاهيون ٿا. هن چيو ته ڳالهين ۾ مقامي ماڻهن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي ماڻهو ان جنگ ۾ متاثر ٿيا آهن، انهن کي به انهن ڳالهين ۾ حصو بڻايو ويندو. هن چيو ته ان جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ قبائلي علائقن جا ماڻهو شهيد ٿيا، آخرڪار اسان کي هڪ حل طرف وڃڻو آهي، جيڪي ماڻهو اسان جي ??ئين ۽ قانون کي مڃي اچڻ چاهين ٿا، انهن کي موقعو ڏيڻ گهرجي. هڪ ٻئي سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته افغانستان ۾ 2 ڪروڙ 30 لک ماڻهو بک کي منهن ڏئي رهيا آهن ته بحيثيت انسان، مسلمان، پاڙيسري اسان جو فرض آهي ته اهڙي صورتحال ۾ انهن جي مدد ڪئي وڃي، اسان افغان اٿارٽيز کي چئي رهيا آهيون ته اهي ٺوس حڪومت ٺاهين ۽ تاجڪ ۽ ازبڪ ڌرين کي حڪومت ۾ شامل ڪن، اسان دنيا کي به چئي رهيا آهيون ته اها افغانستان جي ??وام سان گڏ بيهي، اسلامي ملڪ گڏجي ??فغان عوام جي مدد ڪن، اسان افغانستان ۾ ٺوس حڪومت چاهيون ٿا، اسان انهن کي تسليم نه ڪري رهيا آهيون، اسان جو موقف آهي ته علائقائي طاقتون انهن کي تسليم ڪنديون ته اسان ڪنداسين پر ان صورتحال کان هٽي ڪري افغانستان جي ??وام سان ته گڏ بيهڻ گهرجي. انساني همدردي جي ??نياد تي انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي ??واب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته نواز شريف ڊسمبر ۾ ڇو، هن ئي مهيني واپس اچي، اسان ته چاهيون ٿا ته هو ڪا ته ڪمٽمينٽ پوري ڪري، شهباز شريف کي گهرجي ??ه هو نواز شريف کي واپس آڻي، پي ڊي ايم جو مارچ هر سال ٿئي ٿو، حڪومت جي ??قتدار ۾ اچڻ جي پهرين ??ال کانپوءِ ئي اهي جٿو کڻي اچي ويا هئا، اها انهن جي ونٽر ايڪٽيويٽي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته کنڊ جو بحران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ حل ٿي ويندو.