اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائي??دي چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي اهمي?? ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جاپا?? جي سفير ڪونينوري متسودا سان ڳالهائي??دي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم سفير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ مستقبل جي ذميواري?? جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير جاپا?? جي نئين چونڊيل وزيراعظم فوميو ڪيشيدا کي خط لکڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهمي?? ڏي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم جي بنيادن تي قائم آهن. وزيراعظم جاپان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ بابت پاڪستا?? جي عزم کي ورجايو. علائقائي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها نئين افغان انتظاميا سان مثبت رابطا رکي، فوري انساني امداد بحال ۽ افغانستا?? جي منجمند اثاث?? جي ريليز سميت اقتصادي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن قومي مفا??مت ۽ هڪ ٺوس سياسي ڍانچي جي اهميت ??ي پڻ زور ڏنو. جاپاني سفير جاپان سان پاڪستا?? جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. سفير جاپاني ۽ ٻين شهرين کي افغانستان مان ڪڍڻ ۾ سهول?? ڏيڻ ??ي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. سفير ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام تحت پاڪستان مان جاپان ۾ افرادي قوت جي برآمد تي ٻنهي ملڪ?? جي وچ ۾ صحيح ٿيل مفا??مت جي ياداشت ??ي پڻ روشني وڌي.