اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر سلامي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صدر عارف علوي ڊاڪٽر سلامي ڪليچ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي ع??وض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر سلامي پاڪستان ?? 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ?? 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊاڪٽر سلامي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردو??ن اسپتال قائم ڪرڻ ۾ به اڳتي ر??يو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي ع??وض پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي ستاره قائداعظم جي ايوارڊ سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊاڪٽر جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ?? اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. ڊاڪٽر جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ۽ ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏنيون. ڊاڪٽر جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ارمغان حجاز، ضرب ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذ??بي فڪر جو ترڪ زبان ?? ترجمو ڪري چڪو آهي.