لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ آب پاڪ اٿارٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وڏي وزير، پنجاب جي گورنر، اطلا??ات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ??انپوءِ اطلا??ات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن کي آب پاڪ اٿارٽي جي طرز تي پيئڻ جو صاف پ??ڻي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته پنجاب جي 12 ڪروڙ آبادي کي پيئڻ جو صاف پ??ڻي ڏنو ويندو، پنجاب جي 36 ضلعن ۾ 4 ارب رپين جي لاڳت سان 1500 پيئڻ جي صاف پ??ڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن، اهي 1500 واٽر فلٽريشن پلانٽس ڊسمبر 2021ع ۾ مڪمل ٿيندا. هن ٻڌايو ته موجوده حڪومت جي دور ?? هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي 30 لک رپيا لاڳت ايندي. شهباز شريف جي دور ۾ ”صاف پ??ڻي ڪمپني“ واعدن، نعرن ۽ دعوائن کانسواءِ ڪجهه نه هئي. شهباز شريف جي دور ۾ ساڍا 7 ارب رپين جي لاڳت سان رڳو 116 واٽر فلٽريشن پلانٽ لڳايا ويا. مملڪتي وزير فرخ حبيب ٻڌايو ته شهباز شريف جي دور ?? هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي 6 ڪروڙ 40 لک رپيا لاڳت آئي. آب پاڪ اٿارٽي تحت هڪ واٽر فلٽريشن پلانٽ تي رڳو 30 لک رپيا لاڳت ايندي. هن ٻڌايو ته آب پاڪ اٿارٽي جي ايندڙ فيز ۾ سائوٿ پنجاب ۽ فيصل آباد ڊويزن جي هڪ هزار ڳوٺن ۾ جتي ??ار?? پاڻي آهي اتي پيئڻ جي صاف پ??ڻي جا آب پاڪ مرڪز قائم ڪيا ويندا. پنجاب ۾ نوان فلٽريشن پلانٽس آب پاڪ اٿارٽي جي نگراني هيٺ لڳايا پيا وڃن. ??ار?? پاڻي وارن علائقن ?? هڪ هزار پيئڻ جي صاف پ??ڻي جا پلانٽ لڳايا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان پيئڻ جي صاف پ??ڻي کي شهرين جي درن تي فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. پيئڻ جي صاف پ??ڻي جي فراهمي سان پاڻي سان پکڙجندڙ بيمارين کان اڳواٽ بچاءُ ممڪن ٿيندو. هن ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان سڀاڻي مينگروز جي علائقن جو پڻ دورو ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ماحوليات جي تحفظ جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ نگاهه جو مرڪز آهي.